هڪ ٻي پٺيان ڏنل ٻه ٽهڪ پوپٽ بڻجي گلاب جهڙي گل نما چپن تان اڏامي وڃن ٿا پوء به هو انهن ٻنهي پنجابي نارين ڏانهن متوجه نٿو ٿي يا خبر ناهي ٿيڻ نٿو چاهي۔ جيڪي سندس پاڻ کان ٿورو ئي ڪجه فرلانگن جي مفاصلي تي سج جي روشني جي تپش وٺي رهيون آهن۔ هن جي وجود کي مارئي جي ديس جي شال ويڙهيل آهي جنهن ۾ هو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري ٿو ها اها شال جيڪا پڪ سان ڪنهن ڪامڻي دڙن جي وچ ۾ ڪنهن چونئري ۾ لالٽين ٻاري پنهنجي اکڙين جو نور نپوڙي ٺاهي هوندي ۽ ان ۾ پنهنجي امنگهن حسرتن ۽ ارمانن جا ڪيئي ڳاڙها,پيلا,نيلا ۽ ڪارا رنگ چٽيا هوندا! ها ان ديس جون سڀ ڪامڻيون شال تي پنهنجو سمورو نور نپوڙي مهيندڙ رنگ ته چٽي وينديون آهن پر پنهنجي زندگي جي آنچل کي تعليم جهڙي ڀرت سان اڃان تائين چٽي ناهن سگهيون!
بيرو ٽيبل کي صاف ڪري چانه جو گرم ڪپ رکي سندس هٿ ۾ رومال کي ڪلهي تي رکي جلدي ۾ ڪنهن ٻي شاگردن جي ٽولي ڏانهن تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو وڃي ٿو هو چانه جو ڪپ کڻي سپ سپ ڪرڻ شروع ڪري ٿو گڏوگڏ ڊان نيوز پيپر کڻي مٿاڇري نظر ڦيرائي ٿو سندس نظرون هڪ جاء تي ٽڪ ٻڌي بيهي وڃن ٿيون جتي هڪ انگلستان جي عظيم فلسفي ولٽئير جي ڪوٽيشن لکيل آهي
The comfort of the rich depends upon an abundant supply of the poor.
ترجمو (اميرن جو سڪون غريبن جي ضرورت کان به گھڻي فراهمي تي منحصر ڪري ٿو)
هو اخبار رکي والٽئير جي ڳاله تي مس ويچارن شروع ڪري ٿو ته کيس هڪدم ياد اچي وڃيس ٿو ته هن کي اڄ ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ وڃي رجسٽرار سان ملڻو آهي ۽ نڪري پوي ٿو ايڊمنسٽريشن بلاڪ۔ بلاڪ جي سامهون پهچي اندر داخل ٿئي ٿو ۽ بنا ڪنهن سوچڻ جي سامهون رجسٽرار جي آفيس ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو اٿس ٿورو ئي اڳتي کيس هڪ سيڪورٽي گارڊ روڪي معذرت ڀري لهجي ۾ چويس ٿو ته اوهان هڪ بجي کان اڳ ۾ اندر نٿا وڃي سگهو! هي مرڪي پيو ۽ چيو ته سائين پنهنجن سان به حساب؟ ڇاڪاڻ ته هو سيڪورٽي گارڊ کي پرسنلي طور تي به سڃاڻيندو آهي هڪ اڌ چڪر جڏهن هو ڳوٺ اچي رهيو هيو ته ٽرين ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي ۽ ان ٻڌايو هيس ته هو ڏکڻ پنجاب جي شھر رحيم يار خان سان تعلق رکي ٿو هتي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ رجسٽرار جو سيڪورٽي گارڊ آهي، پر اڄ سيڪورٽي گارڊ کيس سڃاڻيندي به اوپرائپ واري نگاه سان ڏٺائين هن کيس جيب مان گولڊ ليف جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ جي پهرين آڇ ڏيڻ چاهي پر سيڪورٽي گارڊ سندس آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هي سمجهي وڃي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ هي هن کي اندر نه ڇڏيندو انڪري هي سگريٽ کي دکائيندي صرف اهو چئي بلاڪ مان ٻاهر نڪري ٿو ته ”پنج پڙهي وٺين ها ته گُهري وٺين ها يقيناً شرم نه اچئي ها هي سڀ پڙهيا لکيا ڪلارڪ توڙي سندن منشي سڀ اسانکان گهري وٺندا آهن!
هي بلاڪ کان ٻاهر نڪري ٿو کيس اندر ئي اندر آنڌ ماند محسوس ٿيڻ شروع ٿيس ٿي ۽ ٿورو گهڻو پشيمان ٿي رهيو آهي ۽ سوچي ٿو ته مونکي انتظار ڪرڻ گهرجي ها پر سيڪورٽي گارڊ کي اڻ پڙه چوڻ مناسب نه هيو!
نه نه يار پڙهيل هجي ها ته ڪئير ڪري ها ته نوبت ئي نه اچي ها۔۔!
اندر ئي اندر ۾ پاڻ سان ڳالهائيندو هاسٽل ڏانهن لڙي پيو رستي ۾ سوچن جا ڪافلا سندس ذهن ۾ ڊوڙندا رهن ٿا۔ ڪنهن وقت ته سيڪورٽي گارڊ کي چيل لفظ ”پڙهي وٺين ها ” الر ڪري اچي وڃنس ٿا ۽ پاڻ مٿان کن پل لاء کار به اچي وڃيس ٿي، اندر ئي اندر ۾ پاڻ مٿان ڇوه به ڇنڊي ٿو ته اسان پڙهي ڪري به سماج لاء ڇا ڪري سگهيا آهيون؟ سماج کي به پٿر جي دور مان ڪوڏر جي مدد سان ڪڍڻ وارو ڪو اڻ پڙهيل ئي هيو! پوء مونکي انکي اڻپڙه ڪين نه چوڻو هيو! هو چاهيندي به بار بار ايندڙ سوچن کان پاڻ کي آزاد ڪرائي نٿو سگهي۔ پنهنجي روم ۾ پڄي شال لاهي هينگر ۾ ٽنگي دري کولي سج جي تپش وٺڻ ٿو چاهي۔ دري کلندي ئي سندس ڪنن تي ٺڪ ٺڪ جا آواز پهچن ٿا هو سامهون ٺهندڙ بلڊنگ ڏانهن تڪي ٿو جتي انيڪ اڻ پڙهيل مزدور ڪم ڪري رهيا آهن وري کيس اندر ۾ آواز اچيس ٿو ته اسان جي سوسائٽي کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ان اڻ پڙھيل جو ئي ته ڪردار آهي پوء به آئون انکي۔۔۔۔۔۔۔ کيس ياد اچي وڃيس ٿو ته مهينو کن اڳ ۾ گهر ۾ بجلي جي فٽنگ ڪرائڻ لاء هڪ اڻ پڙه مستري کي ئي وٺي آيو هيو اوووو نووووو هي مان ڇا سوچيندو وڃان ٿو دري کي زور سان بند ڪري بيڊ تي ابتو ٿي سمهي پوي ٿو اکيون بند ڪري سمهڻ ٿو چاهي پر ننڊ جي بدلي وري کيس خيال استقبال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ سندس ڳوٺ ۾ سموري زمين ياد اچي وڃيس ٿي جنهن کي اڻ پڙه ماڻهو ئي کيڙي رهيا آهن جنهن جي ڪري هو هتي ڳريون ڳريون فيسون ادا ڪري سگهندو آهي تنهنڪري مونکي ڪڏهن به انکي اڻ پڙه۔۔۔۔۔۔۔۔ نه چوڻو هيو مونکي انتظار ڪرڻ گهرجي ها نيٺ هو سوچن کان فراري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻاهر نڪري ٿو ٻاهر پارڪنگ ۾ بيٺل بائيڪ تي نظر پويس ٿي ته اها پنڪچر بيٺل آهي مرڪي پوي ٿو در کي لت هڻي چوي ٿو شٽ! اها به مونکي ڪنهن اڻ پڙه وٽ ڪاهي وڃڻي پوندي! پريان سج کي ڏسي ٿو جيڪو پنڇي بڻجي شام جي آکيري ڏانهن وڃي رهيو آهي وري کيس ياد اچي ٿو ته مونکي اڃان هڪ اڻ پڙه دهوٻي کان ڪپڙا به ته کڻڻا آهن۔ واپسي تي سيلون تان اڻ پڙه نائي کان ڏاڙهي به ته سيٽ ڪرائي انٽرنشيپ جي انٽرويو تي صبح وڃڻو آهي! سوچن ئي سوچن ۾ جيب مان گولڊ ليف جو پاڪيٽ ڪڍي ٿو جنهن ۾ هڪ سگريٽ پيل آهي اهو ڪڍي چپن ۾ ڦاسائي پاڪيٽ بالڪوني ۾ اڇلائي لائيٽر سان دکائڻ چاهي ٿو پر دکائي نٿو سگهي۔ ھٿ روڪجي وڃن ٿا ڳلو سڪي وڃيس ٿو ڇاڪاڻ ته سامهون سماج جي معتبر فردن سان سڃاڻ رکندڙ شاگردن جي هاسٽل جو اڻ پڙهيل ڪلينر بالڪوني کي صاف ڪندي ڪندي سموري شاگردن جي روم اڳيان ڦٽو ڪيل گند سان گڏ هن جي اڇلايل خالي پاڪيٽ کي کڻي بالڪوني صاف ڪري پگهر اگهندي گيٽ کان ٻاهر وڃي رهيو آهي!
اڻ پڙهيو
15