ڪجھ ڏينهن اڳ يونيورسٽيء ٻاهران دوستن سان گڏ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي بابت ڳالھ هلي رهي هئي ته ڀرسان بيٺل هڪ رڪشي واري جنهن اسان کي وڏي غور سان پئي ٻڌو، ان کي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ وڪوڙي وياسون، اسان جي ڪچهري ٻڌي پڇڻ لڳو ته ڀلا هن ڏينھن ڇا ٿيو هو؟ مون کيس شڪاگو جي شهيدن جي قرباني جو قصو ٻڌايو جنهن تي هو پڇڻ لڳو ته ڀلا پوءِ ان اسڪيم ۾ اسان کي ڪجهه ملندو؟ سندس سادگي ۾ پڇيل اھو سوال شايد غير متوقع نه هيو. پر جنهن احساس مون کي وڪوڙي وڌو سو اھو نياپو ھو ته جنهن طبقي جي مقصد لاءِ شڪاگو جي شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو اُھو مقصد اڄ سندن ئي طبقي ۾ ايترو اوپرو ٿي پيو آهي.
مزدور اڄ اهڙين ڳالهين کي جيڪي سندن حق ۾ آهن بيڪار چون ٿا. سندن خيال ۾ اھڙا حوال ڪرڻ وارا واندا آهن جيڪي چون ٿا ته سرڪار اسان جون ملازمتون پڪيون ڪري، اسان جي ٻچڙن جي تعليم (جيڪا سندن ڄائي ڄم جو حق آهي) مفت ڪري ۽ پوليس عوام کي روڊن رستن تي ذليل ڪرڻ بند ڪري.
مزدور طبقي منجهه اھڙا تصور ڪيئن گهر ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا؟ ايئن ته ان معاملي تي مون کان بهتر تبصرا ڪرڻ وارا موجود آهن، پر آئون پنهنجو مشاهدو به اوھان آڏو رکڻ چاهيان ٿو.
اها انسان جي بنيادي فطرت آهي ته سندس دماغ ڪڏهن به ڪنهن خيال کان خالي ناهي رهندو. جيڪڏھن سندس ذهن ڪنهن مثبت سوچ کان واقف ناهي هوندو ته هو شعوري يا لاشعوري طور ڪنهن منفي سوچ ڏي مائل ٿيندو آهي ڇو ته وٽس رستو ئي اھو بچندو آهي. ٻي صورت اھا هوندي آهي ته سماج ۾ ٻه خيال يا نظريا موجود ھوندا آھن پر هڪڙو نظريو ٻئي نظريي کان قدر ڪمزور يعني غير معروف هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ عوام ڏاڍي پر جابر گروه سان وابسته ٿي ويندا آهن ڇو ته کين اُن مان تحفظ جي اميد هوندي آهي. ان جي مثال سنڌ ۾ ڏسي سگهجي ٿي ته اسين هڪ جملو عوام وٽان عام طور تي ٻڌندا آھيون ته پ پ کان سواءِ سنڌ جو ڪو آسرو ناهي ڇو ته اُھا وڏي ۽ طاقتور جماعت آهي. پوءِ ڇو نه اھا جماعت سندن مٿان ڪيتري به قسم جو جبر يا استحصال ڪري رھي ھجي.
هاڻ سوال آهي ته باوجود ان جي جو کاٻي ڌر پاڪستان خاص سنڌ ۾ تمام اثرائتي رهڻ ۽ موجوده دور۾ به کاٻي ڌر جو رجحان هئڻ باوجود اهڙين تنظيمن مزدور طبقي ۾ يا ته مڪمل طور اثر وڃائي وڌو آهي يا وري هو مزدورن ۾ هاڻ ڪم ڪرڻ ئي نٿيون چاهين. اھي رڳو هاڻ پنهنجي فردي سياسي نالي کي برقرار رکڻ خاطر هلي رهيون آهن. ان سياسي پستيءَ جو هڪڙو ڪارڻ اسي واري ڏهاڪي ۾ عوامي سياست جي روش ختم ٿيڻ ڪري جنم وٺندڻ جوابي يا جذباتي سياست يعني reactionary politics آھي. ڇو ته هاڻ سياست صرف تڏهن ئي ڪئي وڃي ٿي جڏهن ڪو لنڱ ڪانڊاريندڙ واقعو (جيڪو به هاڻ معمول بڻيل آهي) پيش ايندو آهي. هفتو کن لڳندو آهي ته بس ڄاڻ انقلاب آيو. پر اٺين ڏينهن جي سج اڀرڻ ساڻ انقلاب جا ٺيڪيدار ٿڪجي ماٺار ڪيو وڃن ٿا.
جيئن ۷۰ تائين جي عوام دوست سياست تي نظر وجهون ٿا خبر پوي ٿي ته ڪامريڊ لڏي عوامي سياست جي آڙ ۾ ڪيتري قدر يا ته پنهنجن اھڙن خيالن جي پرچار ڪئي جنهن کي عوام نٿي قبوليو يا وري هو عوامي سياست جو پليٽفارم استعمال ڪري ليڊري چمڪائي سرڪاري واٺا ٿي ويٺا. اهڙي نموني جي سياست ڪارڻ ئي عوام ڪامريڊن بدران پيرن، وڏيرن سان ڳنڍيل رهڻ تي مجبور رهي. ان ئي ڪري انقلابي تحريڪ هتي عوام جو مينڊيٽ حاصل نه ڪري سگهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻين قسم جي ليڊرن جي روش تي ٿوري نظر وجهڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇو ته اھي ٻه رويه اھڙا رهيا آهن جن مزدور مفادن توڙي قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو آهي. ڪيترا ئي اهڙا وڏا نالا موجود آهن جن مٿي ڏسيل ڪارناما سر انجام ڏنا. پر آئون هتي رڳو ٻن شخصيتن جو ذڪر ڪندو هلندس. مٿي ٻڌايل پهرين روَيي جي مثال آهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن لاءِ سندن ويجهي ساٿي ڪامريڊ جمال ابڙو پنهنجي آٿم ڪٿا ۾ لکيو ته جڏهن به ڪامريڊ حيدر ڪٿي تقرير ڪندو هو ته اسلام خلاف سخت ٻول ٻوليندو هو ۽ اھو ھو پنهنجي تقريبن هر تقرير ۾ ڪندو هو. جڏهن ڪامريڊ جمال ابڙو پارٽي سان اھا ڳالھ ڪئي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اهڙي روَيي تي عوام ناراض ٿيندو ته ٻين ساٿين ۽ ڪامريڊ حيدر جي متفقه رائي تحت اھو فيصلو ٿيو ته جڏهن به ڪامريڊ حيدر اهڙي ڪا ڳالھ ڪندو ته ڪو هڪڙو ساٿي ڪامريڊ کي اشارو ڏيندو ۽ روڪيندو، جيڪا ذميواري ڪامريڊ جمال ابڙي تي پئي. اڳتي جو قصو سائين جمال ابڙو جي آٿم ڪٿا ۾ پڙھي سگھجي ٿو. ڪجھ عرصو پوءِ جڏهن مون هڪ جهوني ڪامريڊ کان پڇيو ته آخر ڪامريڊ حيدر جو جهڙو عوام ۾ مقبول ماڻهو انتخابي سياست ۾ ڪامياب ڇو نه ٿي سگهيو؟ وراڻيائين ته ڪامريڊ سيڪيولرزم جي آڙ ۾ اسلام خلاف وڏي جوش سان ڳالهائيندو هو. سو ان شيء کي مخالف وڏيرن عوام ۾ سندس خلاف استعمال ڪيو.
سو دوستو! عوام جيڏو به ڏتڙيل هجي، ظالم پر مذهبي وڏيري بدران حيدر بخش جتوئي جهڙي لائق پر مذهب مخالف کي ڪڏهن ڪين چونڊيندي.
هاڻ اچون ٻئي رويي بابت. اھو رويو اڃان به مقبول آهي. جنهن ۾ اسين ڏسندا آهيون ته عوامي نعري هيٺ ليڊري چمڪائي ڪيئن نه ڪهڙا ڪھڙا نالا عوامي مفاد کي ڌُتڪاري عوام کي سندن ذاتي مفادن خاطر استعمال ڪري شاهوڪار ٿي ويا. ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ان ئي رويي هيٺ عوام سان وڏي ويساھ گهاتي ڪئي وئي. اھو ڌوڪو ڪندڙ ڪو عام شخص نه هو پر ان وقت عوام ۾ وڏي حيثيت رکندڻ ڪامريڊ ڄام ساقي هو جيڪو به ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ٽوڙي، وڃي پ پ جو مشير ٿي ويٺو. ڪامريڊ ڄام لاءِ سندن ساٿين جا ڪھڙا رايا آهن اُهي سندن ساٿين جي ڪتابن (ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري ۽ اُهي ڏينهن اُهي شينهن) ۾ دوست پاڻ پڙهي سگھن ٿا.
بهر حال، انهن تمام ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اھو ناهي ته انهن ماڻهن جي سياسي پورهيي تي مون جهڙو اڻ سکيو جنهن نه ڪڏهن ٽارچر سيل ڏٺا آهن نه ئي قيد خانن جو ديدار ڪيو نه ڪو ڏنڊو ئي کاڌو آهي انهن جوڌن تي آڱريون کڻي. مقصد اھو آهي ته اسان جي ڪامريڊن جي غلطين مان ڪجهه حاصل ڪيون، جدوجهد کي مسلسل وڌائيندا هلون ۽ سنڌ جي محنت ڪش پرت ۾ اھو وڃايل ويساهه واپس موٽايون جيڪو کين هن ظلم، بربرِيت ۽ استحصال جي نظام منجهان آزادي ڏياري ۽ آزاد سنڌ جي منزل تائين پهچائيندو. ڇو ته فقط حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان آزادي ناهي ملندي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙو سماج اڏيو وڃي جتي انسان کي انسان سمجهيو وڃي ۽ نه ڪي ناڻي ۽ جبر جي قوت تحت سندس طبقي جو تعين ڪيو وڃي.